SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Age of Enlightenment

(click word to listen sound
  • 🔊
  • eidʒ
  • ouldeidʒ
  • ɔf
  • inlaitnmənt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Age of Enlightenment

ايج آف انلائيٽنمينٽ

روشن خيالي- جاڳرتا جو زمانو

مغربي يورپ ۾ 18 صديءَ جو ابتدائي دور، جنهن ۾ ڪيترن فيلسوفن ليکڪن ۽ سائنسدانن، جديد سائنس جي اوسر ۽ مذهبي ڏاڍ خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي اثر هيٺ، مذهب ۽ روايت کان عقل ۽ سائنس کي وڌيڪ اهم ڳڻايو. ان سوچ سان واڳيل مفڪرن جي خيال هو ته انساني زندگيءَ ۾ ڪارائتي تبديلي صرف ان وقت اچي سگهي ٿي، جڏهن دنيا جي ڪاروهنوار ۾ انڌي اعتقاد بدران شعور ۽ فهم جو استعمال ڪيو وڃي. هيءَ سوچ سماج جي مُختلف معاملن ۽ پهلوئن کي مذهبي، روايتي ۽ اعتقادي طريقي سان پرکڻ جي سخت خلاف هئي. اسيينوزا، امينوئيل ڪانٽ، جرمي بينٿم، جان لاڪ، روسو، والٽيئر ۽ ڊيوڊ هيوم وغيره ان سوچ جا وڏا پرچارڪ هئا. اِن سوچ جي نتيجي ۾ دُنيا ۾ فڪري، سياسي ۽ فني انقلاب آيا ۽ هر قسم جي ٻانهپ خلاف جدوجهدو شروع ٿي. ڪن عالمن جو خيال آهي ته روشن خياليءَ جي ابتدا يورپ ۾ ڪليسا جي هڪ هزار سالن کان رياستي معاملن ۾ برتريءَ جي خاتمي سان ٿي. پندرهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۽ سورهين صدي عيسويءَ جي مُنڍ ۾ مارٽن لوٿر(1546-1483) جي پروٽيسٽنٽ تحريڪ جي شروعات، ڇپائيءَ جي مشين جي ايجاد ۽ ’جديد ويسٽفليائي رياستي سرشتي‘ (1648ع) سان جيڪو فڪر جي دُنيا ۾ انقلاب آيو ، تنهن صنعتي، سياسي ۽ معاشي انقلابن جا در کولي ڇڏيا. فرانس جي فيلسوف رين ڊيڪارت جي ’شَڪ پسنديءَ‘ واري نظريي سان هڪ طرف علم ۽ دليل جو دور شروع ٿيو، ته ٻئي طرف سائنسي ايجادن جي دري کُلي پئي، جنهن دُنيا لاءِ صنعتي انقلاب کان وٺي برطانيائي ۽ فرانسيسي انقلاب جهڙا عظيم الشان تُحفا فراهم ڪيا. ڏاهن جو چوڻ آهي ته فرانسيسي انقلاب دنيا اندر بعد ۾ آيل ۽ ايندڙ سڀني انقلابن جو نقيب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو معراج آهي. روشن خياليءَ يا جاڳرتا واري اِن سوچ رياستي اقتدار ۾ عوام جي راءِ کي اهم ترين ڄاڻائڻ سان گڏ، سماج ۾ آجپي، سهپ، رواداري، برابري ، انصاف ۽ ترقيءَ جي جاکوڙ لاءِ احترام پيدا ڪندي ۽ دُنيا مان ڏاڍ، ٻانهپ، جبر، ناانصافي ۽ هڪ هٽيءَ جي خاتمي ۾ مدد ڪندي.. عالمي لاڳاپن ۾ 1648ع کان شروع ٿيل جديد رياستي سرشتي ذريعي، نه رڳو مُلڪن جون سرحدون واضح ٿيون، پر اقتدار اعليٰ تي قومن جي اختيار جي تسليمي پڻ عمل ۾ آئي. جنهن اڳتي هلي مُختلف حُڪومتي سرشتن ۽ سياسي نظامن کي جنم ڏنو. انساني تاريخ ۾ جيڪا آزادي ۽ هڪ- ڪَرائي اڄ اسان کي نصيب آهي، اُن جون پاڙون دُنيا ۾ گهڻن رُخن ۾ شروع ٿيل جاڳرتا ۽ روشن خياليءَ واري دور ۾ لڳل آهي


Remember Me Also:

ٻهر ٿيڻ

کري خراب ٿيڻ ، بدفضيلتو ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal